سنڌ جو ٻيجل

سنڌ جو ٻيجل

سنڌ جو ٻيجل

سنڌ جو ٻيجل (ڪتاب): سنڌ جي نامياري ۽ قومي فنڪار، سرمد سنڌيءَ جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس يادن، شخصيت ۽ فن تي لکيل اديبن ۽ سندس چاهيندڙن جي تاثرات تي مشتمل هي ڪتاب علي حسن چانڊيي سهيڙيو آهي. هن ڪتاب ۾ شيخ اياز، بيدل مسرور، قمر شهباز، تاجل بيوس، حسن مجتبيٰ، اعجاز منگي، نورالهديٰ شاهه، سرڪش سنڌي، نصير مرزا، غفار تبسم، اياز گل، ادل سومري، محمود مغل، زخمي چانڊئي، ڪوثر ٻرڙي، اسحاق سميجي، گل ڪونڌر، حيات علي شاهه بخاري، خواجه ذوالفقار ۽ ٻين جا تاثرات ۽ مختلف اخبارن جا ايڊيٽوريل شامل آهن. ان کانسواءِ هن ڪتاب ۾ سرمد سنڌيءَ جون يادگارتصويرون ۽ مٿس شاعرن جي شاعري به شامل آهي. ان کان سواءِ تڏي تي لکيل تاثرات پڻ شامل ڪيا ويا آهن. ڪتاب جو پيش لفظ، سرمد سنڌيءَ جي ڀاءُ احمد مغل جو لکيل آهي. ڊيمي سائيز جي پڪي جلد جي 263 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو مهراڻ پبلشرز ڪراچيءَ، پهريون ڇاپو ڊسمبر 1997ع ۾ ڇپايو هو ۽ ٻيو ڇاپو ڊسمبر 1998ع ۾ ڇپايو ويو آهي، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو